چيلهه جي مهرن جو هٿوڙي سان علاج ڪندڙ ڊاڪٽر


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۸۵   ڪوالالپمور   پرنٽ ڪيو
فائيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوالا لمپور: مهرن جو سور ايتري قدر حساس نوعيت جو معاملو آهي جو ڊاڪٽر ان ۾ تمام گهڻو احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪندا آهن ۽ مهرن جي وڌيڪ مالش کان به منع ڪندا آهن پر ملائيشيا جو هڪ اهڙو ڊاڪٽر به آهي جيڪو مهرن جو علام ڪنهن حڪيمي يا ڊاڪٽري طريقي سان نه پر هٿوڙي جي مدد سان ڪندو آهي، عام طور تي مهرن جي سرڪڻ کي ڏسن لاءِ پهريان ايڪس ري يا ايم آر آءِ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي سڃاڻپ کانپوءِ آپريشن جي ضرورت پوندي آهي ان لحاظ کان مهرن کي هٿوڙي سان ويهارڻ جو عملو احمقاڻو ۽ خطرناڪ ڏسڻ ۾ پيو اچي پر محمد رشدي حسن ايم آر آءِ رپورٽ ۽ ايڪس ري تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ هٿن ۽ آڱرين وسيلي چيلهه جي جوڙن ۽ مهرن جو معائنو ڪري اتي ڪاري مارڪر وسيلي نشان لڳائي ڇڏيندو آهي ان کانپوءِ هو ڪاٺي جو ٽڪرو ۽ هٿوڙو کڻندو آهي ۽ ضرب کان چيلهه جي مهرن کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ظاهري طور تي ان عمل سان مريض سموري عمر معذور به ٿي سگهي ٿو پر رشدي حسن مطابق هينئر تائين ڪنهن کي ان علاج مان ڪو مسئلو ناهي ٿيو.