چانهه ۽ ڪافي پيئڻ جو فائدو...!


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۹   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن جي ڏينهن جي شروعات چانهه يا ڪافي کان بغير ناهي ٿيندي، ڇو جو اسان جو جسم ان وقت ان گرام شين جي موجود ڪيفين کي طلب ڪندو آهي، ڪيفين وارين شيون صحت تي مختلف انداز سان اثر انداز ٿينديون آهن، جئين هڪ نئين تحقيق موجب ڪافي پيئڻ زندگي کي ڊگهو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، حقيقت ۾ چانهه يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين جي ڪجهه مثبت ۽ منفي اثرات هوندا آهن، جيڪي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان جسم ۽ دماغ تي اثر وجهندا آهن، هتي توهان اهو ڄاڻي سگهو ٿا ته گرم شين سان جسم ۽ دماغ تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو، ذهني طور تي هوشيار ڪندڙ: ڏينهن جو ڪم ڪار دوران ٿڪجي پوڻ هڪ عام ڳالهه آهي، اسان جو دماغ قدرتي طور تي ايڊنوسائن نالي ماليڪيول ان وقت تيار ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جڏهن اسان بيدار هوندا آهيون ۽ ننڍ تائين اهو سلسلو جاري رهندو آهي، جيڪو ننڊ جي لاءِ به اهم هوندو آهي، ڪيفين ان قدر تائين عمل کي هٿيائڻ وارو جزو آهي، ڇو جو دماغي ماليڪيول جي طرح ڪم ڪندو آهي، جنهن جي ڪري اسان ذهني طور وڌيڪ هوشيار ۽ بيداري محسوس ڪندا آهيون، اها ئي وجهه آهي ته صبح جو اٿڻ وقت ئي اڪثر ماڻهن کي گرم شين جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، مزاج خوشگوار به ٿيندو آهي، اهي گرم شيون صرف ذهن کي ئي نه جاڳائيندون آهن، پر اهي مزاج کي به خوشگوار بڻائينديون آهن، جنهن جي وجهه دماغي ماليڪيول ايڊنوسائن جي اثرات کي ڪيفين ان قدرتي عمل آهي، هي دماغي ماليڪيول جي وانگر ڪم ڪندو آهي، جنهن جي ڪري اسان جي ذهني طور وڌيڪ هوشيار ث ڏاها نظر ايندا آهيون.