سڪندر رضا جي شاندار سينچري، زمبابوي سريلنڪا کي ۳۸۸ رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۸   ڪولمبو   پرنٽ ڪيو
ڪولمبو: زمبابوي جو بيٽسمين سڪندر رضا سينچري ٺاهڻ کانپوءِ داد وصول ڪندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪولمبو: زمبابوي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي ڪاميابي لاءِ ۱۴۲ اوورن ۾ ۳۸۸ رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو، زمبابوي جي سڪندر رضا ۱۲۷، ميلڪم والر ٦۸ ۽ ڪپتان گريم ڪريمر ۴۸ رنسون ٺاهي نمايان رهيا سريلنڪن اسپنر رنگنا هيراٿ اننگ ٦ ۽ ميچ ۾ ۱۱ وڪيٽون ورتيون پريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ جاري ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن زمبابوي پنهنجي اڻپوري اننگ ٦ وڪيٽ تي ۲۵۲ رنسن کان شروع ڪئي سموري زمبابوي ٽيم ۳۷۷ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته سڪندر رضا پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهي ۽ ۱۲۷ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ۽ ميلڪم والر ستين وڪيٽ جي حصيداري ۾ ۱۴۴ رنسن جو اضافو ڪيو. والر ٦۸ ۽ ڪپتان گريم ڪريمر ۴۸ رنسون ٺاهي پويلين جو رخ ڪيو سريلنڪا جي اسپنر اننگ ۾ ٦ ۽ ميچ ۾ ۱۱ وڪيٽون ورتيون.