شڪارپور ۾ رينجرز ڊي ايس آر صفدر حسين جي اڳواڻي ۾ شهر جي صفائي ڪئي وئي


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۱۰۱   شڪارپور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   رحيم بخش جمالي  : شڪارپور:شڪارپور ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر صفدر حسين جي اڳواڻي ۾ شهر کي صاف ڪرائڻ جو ڏھاڙو ملهايو ويو شڪارپور ۾ رينجرز جي اهلڪارن ميونسپل عملو ساڻ ڪري جهاز چوڪ، جماڻي هال ، هزاريدر ،هاٿيدر سميت مختلف علائقن مان گند جا ڊير کڻايا ويا جڏھن ت گندي پاڻيجا نالا پڻ صاف ڪرايا ويا رينجرز جي جوانن ميڊيا کي ٻڌايو ت شهر اوهان جو آھي شهري پاڻ ب صفائي ڏانهن ڌيان ڏين صفائي نصف ايمان آھي هنن چيو بلڪل شڪارپور ۾ ميونسپل عملي جي صفائي ڪرائڻ ۾ ڪارڪردگي بهتر آھي جڏھن ت رينجرز جي صفائي ڏھاڙي ۾ ميونسپل جي ۳ ٽريڪٽر ، ۴ رڪشه ،٦ مزده ڊمپرن سان شھر جي صفائي ڪرائي وئي ميونسپل جي صفائي انچارج عبدالبصير حيدر ڪلهوڙو سميت ۴۰ سئيپرن صفائي ۾ حصو ورتو.