اڌ دل واري ٻار ريس ۾ حصو وٺي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۱   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: چوندا آهن ته قدرت جڏهن ڪنهن کي ڪجهه شين کان محروم ڪندي آهي ته ان جي باقي عضون ۾ طاقت جي ڪا به گهٽتائي ناهي ڇڏيندي، اڪثر ڪري قدرت طرفان معذورن ماڻهن کي اهڙيون صلاحيتون عطاءَ ڪيون وينديون آهن، جو هو پنهنجي زندگي گذاري سگهن ٿا، اهڙن ئي ماڻهن ۾ هتي رهندڙ هڪ ٦ سالن جو ٻارڙو جيڪي فولي جي ڳڻپ به ٿئي ٿي، جيڪي ۲۵ اپريل ۲۰۱۱ع تي نيم مڪمل دل سان پيدا ٿيو، جنهن کي هاف هرٽ سنڊروم چيو ويندو آهي، هن ٻار گذريل مهيني ٻارن جي لڳل هڪ ريس ۾ حصو ورتو هو، هي ريس ۾ ڀڄڻ کان پوءِ آرام سان بيهي رهيو، چيو وڃي ٿو ته ڊاڪٽرن کي هن جي ڪيفيت جو اندازو ان وقت ٿي چُڪو هو، جڏهن هو ماءُ جي پيٽ ۾ هو، ان ڪري ڊاڪٽرن هن جي ماءُ کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، پيدائش کان پوءِ جيڪي جا ۳ آپريشن ٿيا ۽ هاڻي هو عام ٻارن جيان آهي، هاڻي هو راندين ۾ عام ٻارن جيان ئي حصو وٺي رهيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ هر سال اهڙي نقص سان پيدا ٿيندڙ ٻارن جو تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، اها بيماري بالعموم رحم مادر ۾ ٻارن جي شريانو ۾خون جي گهٽتائي جي ڪري ٿيندي آهي، اطلاع موجب ٻار کي ٻارن کي ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪولمبيا يونيورسٽي اسپتال ۾ هڪ آپريشن لاءِ آندو ويندو.