ائٽمي حملي سان دنيا تباهه ٿي ويندي: ماهر


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۹   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ ائٽمي جنگ شروع ٿي ته سڄي دنيا تباهه ٿي ويندي، جڏهن ته ائٽمي حملي کانپوءِ قحط ۽ خشڪ سالي جي نتيجي ۾ اربين ماڻهو مري ويندا، رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته دنيا اندر وڏين طاقتن جيڪي هزارين ننڍا ننڍا بم تيار ڪري رهيا آهن، ان سان به ماحوليات ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جيڪڏهن آمريڪا ۵ ائٽم بم استعمال ڪيا ته ان جي نتيجي ۾ قحط ڦهلجي ويندو، جيڪڏهن چين صرف هڪ بم ميزائل استعمال ڪيو ته پورو نظام درهم برهم ٿي ويندو، ائٽمي حملي کانپوءِ جيڪا رک اڏامندي ان جي نتيجي ۾ دنيا اڌ دنيا خوشڪ ٿي ويندي ۽ ائٽمي حملي واري جاءِ ئي ان جا اثر نظر نه ايندا، پر سموري دنيا ۾ ان جي تباهيءَ جا اثر نظر ايندا، ائٽمي حملي کان پوءِ جيڪو دونهون آسمان ۾ ڦهجي ويندو، ان سان گرمي پد ۾ واڌ ٿي ويندي، يونيورسٽي آف نبراسڪا لنڪن جيڪا ريسرچ رپورٽ تيار ڪئي آهي، ان ۾ ۵ وڏن ائتمي طاقتن، روس، آمريڪا، چين، برطانيا ۽ فرانس پاران تيار ڪيل ۱۹ قسمن جي بمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان رپورٽ ۾ اهم سائنسدانن جو به شڪر ڪيو ويو آهي، اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي جيڪڏهن ڪنهن ائٽمي حملي ۾ آمريڪا ملوث نه به هو، پر جيڪڏهن ڪٿي ته ائٽمي حملو ٿيو ته ان سان دنيا سميت آمريڪا ضرورت متاثر ٿيندو.