دنيا اندر ۳۳ سيڪڙو ماڻهو نيرو رنگ پسند ڪن ٿا: تحقيق


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۰   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: برطانوي سماجي تنظيم جي ڪيل ريسرچ موجب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رنگن کي پسند ڪيو ويندو آهي، رنگن کي پسند ڪندڙ ملڪن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، آسٽريليا، چين، هانگ ڪانگ، سنگارپور، ٿائي لينڊ ۽ انڊونيشيا شامل آهن، سروي جي نتيجن موجب برطانيا ۾ نيري رنگ کي پسنديده قرار ڏنو ويو آهي ۽ برطانيا اندر نيري رنگ کي پسند ڪندڙ ماڻهن جو تعداد دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيڻ ۾ گهڻو آهي، برطانيا اندر ۳۳ سيڪڙو ماڻهو نيري رنگ کي پسند ڪندا آهن، سروي موجب نيرو رنگ پسند ڪرڻ جو حساب عورتن ۽ مردن ۾ هڪ جهڙو ناهي، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ۴۰ سيڪڙو مرد ۽ ۲۷ سيڪڙو عورتون نيرو رنگ پسند ڪنديون آهن، نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رنگ انساني سوچ، مزاج ۽ ان جي نفسيات تي اثر انداز ٿيندو آهي، ان حوالي سان ماضي ۾ ڪيتريون ئي تحقيقون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ انساني شخصيت تي رنگن جو اثر تمام گهڻو رهيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته نيرو رنگ اخلاص، اعتماد ۽ امن جي علامت آهي، جيڪي ماڻهو ان کي پسند ڪندا آهن، اهي امن ۽ محبت کي پسند ڪندا آهن.