سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال سان نوجوان نفسياتي مريض بڻجي وڃن ٿا: طبي ماهر


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۳   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: سوشل ميڊيا جتي ماڻهن جي رابطن کي سولو بڻائي ٿي، اتي ئي نوجوانن تي ذهني دٻاءُ به وجهي ٿي ۽ گهڻي استعمال سان نوجوان نفسياتي مريض بڻجي ويندا آهن، رائل ڪاليج فار پبلڪ هيلٿ جي تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موبائل، ٽيبليٽ يا ڪمپيوٽر جو استعمال نوجوانن تي ذهني دٻاءُ وڌائي ڇڏي ٿو، ان ذهني دٻاءُ جي ڪري نوجوان نسل نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي وڃي ٿي، تحقيق ۾ ۱۴ سالن کان ۲۴ سالن جي هڪ هزار ٻارن جو جائزو ورتو ويو، جنهن کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال سان نوجوان ننڊ جي گهٽتائي ڪري نوجوان ذهني صلاحيتن کان محروم ٿي وڃن ٿا.