سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، غلام قادر ٿيٻو ڪراچي پوليس چيف مقرر


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۲۸   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
غلام قادر ٿيٻو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهرمقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون جڏهن ته ڪراچي پوليس چيف کي تبديل ڪندي غلام قادر ٿيٻو کي نئون چيف مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ پوليس ۾ ٿيندڙ مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيوويو جنهن جي مطابق ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر کي هٽائي ان جي جاءِ تي غلام قادر ٿيٻو کي نئون ڪراچي پوليس چيف لڳايو ويو آهي جڏهن ته مشتاق مهر کي ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق سردار عبدالمجيد دستي کي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ان کان اڳ ايڊيشنل آءِ جي ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ٿيو هو، نوٽيفڪيشن مطابق خادم حسين ڀٽي کي ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ تان هٽائي ايڊيشنل آءِ جي ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي، ايڊيشنل آءِ جي سنڌ آفتاب پٺاڻ کي بدلي ڪندي ان کي ايڊيشنل آءِ جي ڪرائم برانچ لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان کان ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُالله عباسي وٽ ان عهدي جي اضافي چارج هئي.