جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ نواز شريف وزير اعظم ناهي رهيو: مراد علي شاهه


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ٦۳   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ٿرپارڪر: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ۲ ججن پهريون ئي نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جي آءِ ٽي ۾ به ڪيترائي ثبوت سامهون آيا آهن، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاناما سان پاڪستان جي تمام گهڻي بدنامي ٿي آهي ۽ هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي ٻڌڻي شروع ٿي چُڪي آهي، اميد آهي ته عدليه ميرٽ تي فيصلو ڪندي هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ کان پوءِ نواز شريف وزير اعظم ناهي رهيو.