مسجد اقصيٰ نمازين لاءِ کولي وئي، مسلمانن پاران داخلا کان انڪار


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۹   يروشليم   پرنٽ ڪيو
مسجد اقصيٰ

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : يروشلم: مسجد اقصيٰ ۾ داخلا لاءِ لڳايل نون سيڪيورٽي قدمن کي فلسطيني مسلمانن رد ڪندي مسجد ۾ داخلا کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ۱۴ جولاءِ تي والاريل بيت المقدس ۾ قابض اسرائيلي فوج مسجد اقصيٰ جي اڱڻ ۾ جمعي جي نماز کان اڳ فائرنگ ڪري ۳ فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واقعي جي حوالي سان اسرائيل دعويٰ ڪئي ته ٽنهي فلسطينين باب الاسباط مان نڪري اسرائيلي پوليس اهلڪارن تي مبينا طور فائرنگ ڪري هئي جنهن سبب ۳ ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، ان حملي کانپوءِ فوري طور تي قابض اسرائيلي فوج مسجد اقصيٰ جي تالابندي ڪندي تاريخي شهر القدس جي پوري ناڪابندي ڪري ڇڏي هئي. خابرو اداري جي رپورٽ مطابق آچر تي اسرائيلي اختيارين ڪيمرا ۽ واڪ ٿرو گيٽس لڳائڻ کانپوءِ مسجد کي نمازين لاءِ کولي ڇڏيو جڏهن ته فلسطيني مسلمانن نون سيڪيورٽي قدمن کي رد ڪندي مسجد ۾ داخلا کان انڪار ڪري ڇڏيو.