فيصل آباد ۾ ۱۱ سالن جي نينگري سان ۴۰ سالا شخص جي شادي


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۵   فيصل آباد   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : فيصل آباد: فيصل آباد ۾ نينگري جي وڏي ڄمار واري شخص سان شادي جو واقعو سامهون آيو آهي جڏهن ته علائقي پوليس ڪارروائي کان پاسو ڪري ڇڏيو آهي ملت ٽائون ٿاڻي جي علائقي گرين ٽائون جي رهواسي ۱۱ سالا نينگري طيبا جو زبردستي وڏي عمر واري شخص سان نڪاح ڪرايو ويو ٻنهي جي شادي جي تقريب باقاعده طور تي شادي هال ۾ منعقد ڪئي وئي جتي ۷ ڪلاس جي شاگردياڻي جي شادي چاليهن سالن جي شخص سان ڪئي وئي، ميڊيا تي معاملو اچڻ کانپوءِ پوليس موقعي تي پهتي پر صرف ڪاغذي ڪارروائي ئي ڪئي ۽ ذميوارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي جڏهن ته نڪاح پڙهائيندڙ نڪاح پڙهڻ کانپوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو.