پاناما ڪيس: عمران خان پارٽي اڳواڻن جو اجلاس بني گالا ۾ گهرائي ورتو


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۷   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس بني گالا ۾ گهرائيورتو، اجلاس ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ واري صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، تفصيل موجب اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن پارٽين ۽ حڪومت جي وڪيل پيش ٿيا ۽ پنهنجا پنهنجا دليل ڏنائون، ان کانپوءِ عمران خان پنهنجي بني گالا واري گهر تي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو هم اجلاس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.