ايف آءِ اي ظفر حجازي خلاف اهم ثبوت حاصل ڪري ورتا


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۳   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: ايف آءِ اي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پاران چوڌري شگر ملز خلاف ٿيندڙ انڪوائري کي ٽيمپر ڪرڻ جون شاهديون حاصل ڪري ورتيون آهن، ايف آءِ اي ذريعن مطابق ايس اي سي پي جي قبضي مان حاصل ڪيل ليپ ٽاپ جي ڊجيٽل فارنزڪ اسڪريننگ مان چوڌري شگر ملز جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ثابت ٿي وئي آهي، ايف آءِ اي ليپ ٽاپ مان اصل رڪارڊ بحال ڪري ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جي آءِ ٽي جي شڪايتن جي تصديق ڪندي چيئرمين ايس اي سي پي ظفر حجازي کي وزيراعظم جي ملڪيت ۾ رهندڙ ڪمپني جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو جڏهن ته پنهنجي عهدي تي قائم چيئرمين ايس اي سي پي ظفر حجازي جو اصرار آهي ته هو ان معاملي ۾ ملوث ناهي پر جن آفيسرن پراڻين تاريخن جون صحيحون ڪيون هيون ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ايس اي سي پي جي ايگزيڪيوٽوڊائريڪٽر علي عظيم اڪرم، اي ڊي عابد حسين ۽ ڊائريڪٽر ماهين فاطما شاهدن طور ايس اي سي پي چيئرمين خلاف بيان ايف آءِ اي کي رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن آفيسرن جو چوڻ هون ته هنن چيئرمين جي دٻاءُ ۾ اچي تاريخن جون صحيحون ڪيون هيون.