مانچسٽر ۾ نامعلوم ماڻهن مسجد کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۴   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: مانچسٽر ۾ نامعلوم ماڻهن مسجد کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جواندروني حصو مڪمل سڙي رک ٿي ويو، برطانوي ميڊيا موجب ايمرجنسي سروس کي رات ٿيندي مانچسٽر جي علائقي ڊرولسڊن روڊ تي واقع نسفت اسلامڪ سينٽر ۾ باهه لڳئي وئي، اطلاع مليا آهن ته باهه لڳڻ کانپوءِ فوري سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ پهچي وئي ۽ فائربرگيڊ گاڏين باهه وسائڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو، اسلامڪ سينٽر جي ترمان موجب واقعو واري ڏينهن نامعلوم نمبر تان فون آيو ۽ هنن چيو ته مسجد کي باهه لڳائي ڇڏي آهي، پر ان وقت مسجد اندر ڪو به ماڻهو موجود نه هو.