ڀارت سميت ڪوبه ملڪ نواز شريف کي نه ٿو بچائي سگهي: چوڌري شجاعت


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۰   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
مسلم ليگ ق جو صدر چوڌري شجاعت

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: حڪومت مخالف چار جماعتي اتحاد جو اجلاس ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ چوڌري شجاعت حسين، چوڌري پرويز الاهي، عوامي تحريڪ جي خرم نواز گنڊاپور ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ حڪومت مخالف جدوجهد تي مشاورت ڪئي وئي، چار جماعتي اتحاد جو بيان جاري ڪندي چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته ڀارت سميت ڪوبه ملڪ نواز شريف کي نه ٿو بچائي سگهي پور قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺل آهي هن چيو ته ادارن کي تڪراري بڻائڻ نه ڏينداسين ڪوبه سانحو ٿيو ته نواز شريف ذميوار هوندو.