پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس


 سومر ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۵   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس جاري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران قانوني ماهرن سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي پهرين ٻڌڻي تي بريفنگ ڏني اجلاس ۾ وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن به شرڪت ڪئي، وزيراعظم جي قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل موقف تي بريفنگ ڏني ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اجلاس دوران اپوزيشن پارٽين جي احتجاجي حڪمت عملي تي جوابي حڪمت عملي به غور هيٺ آئي ان کان پاناما ڪيس جي اهم ترين ٻڌڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي وڪيلن سميت شيخ رشيد دليل مڪمل جنهن کانپوءِ عدالت شريف خاندان جي وڪيل جي دليلن جي شروعات ۾ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.