نواز شريف کي جيڪڏهن ضمير هجي ها ته هو ڪڏهوڪو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها: افتخار چوڌري


 اڱارو ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۷    ۳ ھفتا پھريان     ۵۸   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري عبدالوھاب منشي کي انٽرويو ڏيندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد (ڳالھ ٻولھ: عبدالوھاب منشي) هر جماعت پنهنجي پنهنجي صوبي جي ڳالهه ڪري پئي، پر اصل ڳالهه پاڪستان جي فيڊريشن جي سلامتي آهي، اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي بابت سوچڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ پاڪستان جسٽس اينڊ جمهوري پارٽي جي سربراهه جسٽس(ر) افتخار محمد چوڌري عبدالوهاب منشي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، افتخار چوڌري چيو ته پاڪستان جي سڄي سسٽم کي رڳو الله تعاليٰ جي ذات هلائي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ سياستدان عوام جي خدمت گهٽ ڪئي آهي پر ملڪ کي تمام گهڻو ٻنهي هٿن سان ڦريو آهي، هن چيو ته پاناما واري مسئلن جو تمام جلدي هفتي ٻن هفتن اندر رزلٽ اچي ويندو، جيڪڏهن اڄ مان چيف جسٽس هجان ها ته اهو فيصلو توهان سامهون اچي ها، هن ملڪ ۾ جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي، ان خلاف ضرور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، نواز شريف ۾ جيڪڏهن ضمير هجي ۽ هو سمجهي ٿو ته سپريم ڪورٽ سندس خلاف فيصلو ڏيندي ته هن کي پهرين ڏينهن استعيفيٰ ڏئي هليو وڃڻ گهرجي ها، پر افسوس ته نواز شريف کي پنهنجو اقتدار وڌيڪ عزيز هو، افتخار محمد چوڌري چيو ته مان الله جي ذات آڏو سرخرو آهيان ته مون هڪ آمر جي اڳيان ڪنڌ ڪو نه جهڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عدالتون تمام گهڻيون مضبوط ٿيون، اڄ ملڪ جي عوام جو سياستدانن مان اعتبار ختم ٿي ملڪ جي سپريم ڪورٽ مٿان آهي، سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجي حڪومتن دوکو ڪيو آهي، اڄ سنڌ جي گهڻن ضلعن ۾ ماڻهن وٽ بنيادي سهولتون ناهن، سنڌ جي اڪثريت پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي، سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي سياستدانن تباهه ڪيو آهي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهن وٽ دوائون ناهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرڪاري زمينن کي ڪرپشن جي نظر ڪندي گهٽ سرڪاري رقم ۾ وڪرو ڪيو ويو، افتخار محمد چوڌري چيو ته اسان جي پارٽي تمام جلدي سنڌ جي عام ماڻهن اندر وڃي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي باشعور ڪندي ته توهان هاڻ سجاڳ ٿيو ۽ ڪرپٽ سياسي ٽولي جو بائيڪاٽ ڪيو، هن چيو ته مان تمام جلدي سنڌ ۾ اچي پي ايم ايل ايف جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪندس ۽ سنڌ جي اديبن، صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان ملاقات ڪندس.