عورتن کي سياست جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، عائشه گلالئي جهڙن واقعن سان منفي اثر پون ٿا: شائسته کوسو


 اربع ۰۹ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۸۵   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو
پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ميڊم شائسته کوسو آن لائين انڊس نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي

رپورٽ :   ڪاشف علي ماڪو  : حيدرآباد: سکر جي سياست ۾ گذريل ڏهن سالن کان انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ عورت اڳواڻ شائسته کوسو جو تعارف سياسي توڙي سماجي حلقن ۾ ڳجهو نه رهيو آهي، هوءَ ڏينهن رات سياست ۽ سوشل ڪمن ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿي، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي پليٽ فارم تان سکر ضلعي اندر تنظيم سازي سميت عورتن کي گڏ ڪري مختلف پروگرام ڪرائڻ کان وٺي غريب ۽ بي پهچ عورتن جي ڀرپور سهائتا ڪرڻ سندس ڪارنامو رهيو آهي، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي سکر جي اڳواڻ شائسته کوسو سان انڊس آن لائين نيوز طرفان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته منهنجو خاندان سياسي رهيو آهي، ان ڪري مون کي به سياست ۾ اچڻ جو جذبو جاڳيو، شائسته کوسو سکر جي هڪ سياسي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو عبدالغني کوسو آهي، شائسته جي بقول هن پرائمري تعليم آباد لاکا، ميٽرڪ گرلز هاءِ اسڪول سکر، انٽر آغا نظام الدين گرلز ڪاليج ۽ ماسٽرز شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي، سندس چوڻ آهي ته ٿوءَ پنهنجي والد کان متاثر ٿي سياست ۾ آئي، سندس والد عبدالغني کوسو شاگرد دور کان پيپلز پارٽي ۾ سرگرم رهندو آيو آهي ۽ موجوده اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه جو ويجهو ساٿي پڻ ليکيو وڃي ٿو، شائسته کوسو جو چوڻ آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو منهنجي آئڊيل سياسي شخصيت آهي، جڏهن ته سيد خورشيد احمد شاهه مونکي سياست ۾ اچڻ جي لاءِ همٿايو ۽ هر فورم تي منهنجي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ سان گڏ والد جيان شفقت ڪندو رهيو آهي، ان ڪري مون پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي پليٽ فارم تان سکر ۽ ڀرپاسي جي عورتن کي پارٽي ۾ سرگرم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ته جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حقيقي پيغام کي عام ڪري سگهجي ۽ عورتن کي ترقي ڏيارڻ وارو مشن پڻ پورو ڪري سگهجي، شائسته کوسو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن مان سياست ۾ نه هجان ها ته سوشل ورڪرز ضرور هجان ٿا، هن وقت به پنهنجي سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان مرحليوار هڪ سئو کان وڌيڪ جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي چڪا آهيون، جنهن ۾ غريب ۽ بي پهچ نياڻين کي ڏاج جو سمورو سامان پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته اسان جي سماج جو الميو رهيو آهي ته اڪثر غريب نياڻين جون ڏاج جي رقم نه هئڻ ڪري شاديون ٿي نه ٿيون سگهن ۽ اهڙي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسين وس آهر اجتماعي شاديون ڪرائي انهن خاندان جي مسئلا حل ڪري رهيا آهيون هن چيو ته ان کانسواءِ سکر، روهڙي، صالح پٽ، پنوعاقل ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ نياڻين لاءِ هنري سينٽر، سلائي ڪڙهائي جا سينٽر پڻ هلائي رهيا آهيون، جتان هر مهيني ڪيترين ئي ڇوڪرين کي سکيا فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن کي مشينون به ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي زندگي جو گذر سفر ڪري سگهن، شائسته کوسو ٻڌايو ته اسان جي سينٽر تان هزارين ڇوڪريون هنري تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ هر سال سندس شهادت جي موقعي تي سيمينار پڻ ڪوٺايو ويندو آهي، شائسته کوسو چيو ته منهنجي منزل ڪو به مفاد حاصل ڪرڻ نه پر عوام جي خدمت ۽ سماجي ڪم ڪرڻ آهي، پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جيڪڏهن اسيمبليءَ تائين پهچڻ جو موقعو مليو ته هر فورم تي پنهنجي علائقي جي عوام ۽ نياڻين جي حقن جي ڳالهه ڪئي ويندي ۽ انهن جي مسئلن خاطر آواز بلند ڪيو ويندو، آخر ۾ پنهنجي انٽرويو ذريعي پيغام ڏيندي هن چيو ته ڇوڪرين کي تعليم طرف وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ڇوڪرين کي سياست ۾ اچڻ گهرجي، ڇو ته اسين سياست کي بهتر ۽ صاف سٿرو بڻائڻ چاهيون ٿا، باقي عائشه گلالئي جهڙن اشوز سان عورتن تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، اهڙي قسم جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسين هميشه صاف سٿري سياست تي يقين رکيو آهي.