بلوچستان ۾ قومپرست تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ دهشتگردي کي درآمد ڪيو ويو آهي: اختر مينگل


 خميس ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۷   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ قومپرست تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ رياستي ادارن ٻين علائقن مان دهشتگردي کي بلوچستان ۾ درآمد ڪيو آهي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ جاري دهشتگردي کي سمجهڻ ڪو رياضي جو سوال ناهي، اتي سڀني کي خبر آهي ته ”مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙ تنظيمن جا ماڻهو کليل نموني گهمي ڦري سگهن ٿا ۽ انهن وٽ ادارن جا (شناختي) ڪارڊ به آهن، انهن کي لائسنس ٽو ڪل ڏنو ويو آهي.“ هن چيو ته هو اهڙيون تصويرون ڏيکاري سگهي ٿو جن ۾ ڏوهن ۾ گهربل دهشتگرد، اسٽيبلشمينٽ سان ڳراٽڙيون پائي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اختر مينگل چيو ته ”مان اهو نٿو چئي سگهان ته انڊيا (بلوچستان ۾) ملوث نه هوندو، اهو هوندو، پر ان کي اهو موقعو به اسان ڏنو آهي، جيڪڏهن اسان ڪنهن جي معاملن ۾ مداخلت ڪنداسين ته اهو به ڪندو. اهو ٻنهي طرفن کان ٿي رهيو آهي جيڪو نه ٿيڻ گهرجي.“