آمريڪا جي عجيب بس سروس، جنهن ۾ سيٽون بسترن جهڙيون آهن


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۴   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي شهر لاس ايجنلس ۽ سان فرانسسڪو وچ ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ انوکي بس سروس متعارف ڪرائي وئي آهي، هن ۾ مسافرن جي لاءِ سيٽن جي جاءِ تي بسترن جو انتظام ڪيو ويو آهي، آمريڪي شهرن لاس ايجنلس ۽ سان فرانسسڪو وچ ۾ سفر پهريون ڪڏهن به ايترو آرام سان نه ڪيو ويندو هو، هن انوکي بس سروس ۾ نه صرف بسترن جي سهولت آهي، پر واءِ فاءِ به موجود آهي، هن بس سروس جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هيءَ صرف رات ۾ هلائي ويندي، جڏهن ته ڪمپني مالڪ جو چوڻ آهي ته سروس جو مقصد مسافرن کي ٦ کان ۸ ڪلاڪن جي سفر ۾ آرام ڪرائڻ آهي.(۰۲)