اکين تي پٽي ٻڌي دماغ سان ڏسندڙ نوجوان


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۱   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گجرات: سائنسي بنيادن تي اها ڳالهه ثابت ٿي چُڪي آهي ته جيڪڏهن انسان ڏسي نه ٿو سگهي هو دنيا جي حسن کان محروم ٿي وڃي ٿو، پر ان سان هن جا حواس مضبوط ٿي ان جي گهٽتائيءَ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ڀارت ۾ هڪ نوجوان اهڙو به آهي، جنهن جو دماغ ايترو ته تيز آهي جو هو پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي دماغ سان شين کي ڏسي انهن کي محسوس ڪري انهن سان ڪم ڪري سڀني کي حيران ڪري رهيو آهي، جيت تري ويدي اکين تي پٽي ٻڌي دنيا جي بلند ترين روڊ تي ۴۰ ڪلوميٽر تائين سائيڪل هلائي ۽ ماهرين موجب هو پنهنجي حسيات تي تمام گهڻو ڪنٽرول رکي ٿو، ان عمل سان دماغ جو پٺيون حصو سرگرم ٿي ويندو آهي، جنهن کي مڊ برين ايڪٽي ويشن يا فوق حسياتي ترقي به چيو ويندو آهي، حسيات کي وسعت ڏيندڙ مشقون سائنسي تربيت جو درجو رکنديون آهن، پر ڪوٽنسي جون آوازون ۽ ميزڪ دماغ مشقن کي وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، جيت تري ڪيترو ئي عرصو اها محنت ڪئي آهي، هاڻي هو پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي هر طرح جو ڪم ڪري سگهي ٿو، هو اکين تي پٽي ٻڌي ڪتاب پڙهي سگهي ٿو، موٽرسائيڪل هلائي سگهي ٿو، پاڻ طرف اڇلايل شين کي پڪڙي گهي ٿو، گم ٿيل شين جي ڳولا ڪري سگهي ٿو، سئي ۾ ڌاڳو وجهي سگهي ٿو، شطرنج کيڏي سگهي ٿو.(۰۲)