ڪوئيٽا ۾ سرچ آپريشن دوران ۳۱ شڪي گرفتارڪري ورتا آهن: آءِ ايس پي آر


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۱   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: ايف سي بلوچستان ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي سرچ آپريشن دوران ۳۱ شڪي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن، جن کان اسلحو به هٿ ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ايف سي بلوچستان ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي آپريشن رد الفساد جي تحت ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ڪچلاڪ، ڪڇي، شهواني، سرياب، هزار گنجي، نوا ڪلي ۽ فيض آباد ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ قانوني مقيم افغان باشدن سميت ۳۱ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي قبضي مان ايس ايم جي، پستول ۽ غير قانوني گاڏيون به هٿ ڪيون ويون آهن.،(۰۲)