سڪرنڊ جي مياڻ پاڙي جي اسڪول ۾ ڪمرن جي کوٽ، شاگردياڻين جي تعليم متاثر


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۸۵   سڪرنڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق احمد سولنگي  : سڪرنڊ: سنڌ سرڪار پاران تعليم کي عام ڪرڻ ۽ سڀ سهولتون مفت ۾ ڏيڻ جي اعلان باوجود سڪرنڊ جي مياڻ پاڙي جو هي اسڪول نڌڻڪو بڻيل آهي، اسڪول جون ۱۰۰ کان وڌيڪ نياڻيون فرش تي تعليم پرائي رهيون آهن، سڪرنڊ پريس ڪلب جي ٽيم جڏھن نائب صدر ولي محمد ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪول پهتي ته اتي موجود ماستراڻين صحافين آڏو داهيندي چيو ته ڪوبه پڇڻ وارو ناهي، بي بسي جي حالت ۾ نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، پٽ تي ويٺل نياڻين صحافين کي پنهنجي ٻاتڪي ٻوليءِ ۾ شڪايت ڪئي ته حڪومت چوي ٿي ته پڙهو پر اسان پٽ تي ويهي ڪيئن پڙهون، روز اچون ٿا پر ويهي ويهي ٿڪجي ٿا پئون، اتي موجود ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ سماجي اڳواڻ نصرالله ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جون ڪافي نياڻيون پڙھڻ لاءِ تيار آهن پر سهولتن جي کوٽ ۽ ڪمرن جي اڻپورائي سبب مائٽ کين ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، اسان تعليم کاتي کي اپيل ڪنداسين ته سرڪار جي ڏنل سهولتن واري واعدي کي پاڻي ڏئي اسان کي فرنيچر سميت سموريون سهولتون ڏنيون وڃن، هوڏانهن جڏھن سڪرنڊ پريس ڪلب جي ٽيم مياڻ چوڪ تي پهتي ته حڪمران ڌر جي سياسي ماڻھن جا وڏا وڏا بينر لڳل هئا پر هنن شايد ڪڏھن اسڪول جو منهن نه ڪيو آهي، توڙي جو سندن ئي ڳوٺ جون نياڻيون جيڪي سياري ۾ ٿدي فرش ۽ گرمين ۾ تتل فرش تي پڙهي رهيون آهن.