قاضي احمد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، مريض دربدر ٿيڻ لڳا


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴٦   قاضي احمد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   جاويد راھو  : قاضي احمد: سنڌ جي اهم سياسي ضلعي توڙي ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اباڻي علائقي جي اهم شھر قاضي احمد ۾ خدا جي خلق کي صحت جون بنيادي صحولتون موهيا ڪرڻ لاء ڪروڙين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ توڙي صحت جون ٻيون بنيادي صحولتون نه هجڻ سبب مريض دربدر ۽ پريشان آھن، ڄاڻايل اسپتال ۾ اهم شعبن سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽرن جون پوسٽون گذريل ڪيترن سالن کان خالي پيل آھن، ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب علاج لاء ايندڙ مريض ڊسپينسرن جي رحم ڪرم تي آھن، قاضي احمد اسپتال نيشنل ھاء وي تي هئڻ جي ڪري ھتي روز روڊ حادثا معمول بڻيل آھن، اڪثر ڊاڪٽرن جي غير حاضري توڙي کوٽ سبب زخمي تڙپي تڙپي زندگي جي بازي هارائي ويهن ٿا ،هوڏانهن روڊ حادثن توڙي ڪنهن ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان اسپتال اندر ئي جوڙيل ٽراما سينٽر ۹ سال گذرڻ جي باوجود جڙي راس ٿي نه سگهيو آھي جڏھن ته ٺيڪيدار پاران ڪجھ ڪرايل تعميراتي ڪم پڻ ڀري رهيو آھي ڪرپشن سبب ٽراما سينٽر جي عمارت ڀوت بنگلو جو ڏيک ڏئي رهي آھي اهڙي عوام دشمني باوجود چونڊيل عوامي نمائندا ايم، پي، اي، ايم، اين، اي توڙي ضلع چيئرمين خاموش تماشائي بڻيل آھن، هتان جي رهواسين توڙي خدا جي خلق سنڌ حڪومت جي اعلى اختيارين توڙي ايم، اين، اي محترما فريال ٽالپر، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بي، بي بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفا ڀٽو زرداري کان گهر ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته قاضي احمد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪري صحت جون بنيادي صحولتون ڏنيون وڃن.