سنڌ يونيورسٽي جي لاڳاپيل مختلف انسٽيٽيوٽن ۾سيمسٽر شروع نه ٿيا، ۲ هزار کان وڌيڪ شاگرد پريشان


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۱۵   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل مختلف انسٽيٽيوٽن ۾ جون جولاءِ دوران ٿيندڙ سيمسٽر امتحان آگسٽ ۾ به شروع نه ٿي سگهيا، هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي نااهليءَ سبب اڃا تائين شاگردن کي امتحان جي حتمي تاريخ ٻڌائڻ کان ڪن لاٽار، امتحانن ۾ دير ٿيڻ جو سبب نه ٻڌائڻ تي شاگردن جو احتجاج، جلد سيمسٽر امتحان شروع ڪرائي پيپر ۾ دير ڪرائڻ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل مختلف انسٽيٽيوٽن ۾ جون ۽ جولاءِ دوران شروع ٿيندڙ سيمسٽر امتحان آگسٽ ۾ به شروع نه ٿي سگهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي سان (ايفيليٽيڊ) لاڳاپيل امسا انسٽيٽيوٽ، سي ايم ايس، هائيسٽ ۽ مختلف انسٽيٽيوٽن ۾ هر ڇهن مهينن دوران ٿيندڙ سيمسٽر هن وقت تائين آگسٽ اٺين مهيني ۾ به شروع نه ٿي سگهيا آهن، جنهنڪري ٻه هزار کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، امتحان ۾ دير ٿيڻ سبب شاگرد ۽ سندن والدين پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ مختلف انسٽيٽيوٽن جي شاگرد سجاد علي، جمال الدين، تنوير، جهانگير ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان سنڌ يونيورسٽي سان (ايفيليٽيڊ) لاڳاپيل انسٽيٽيوٽن ۾ داخلا ورتي آهي، ٦ مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين سيمسٽر امتحان نه ورتا ويا آهن، نه ئي امتحان ۾ دير ٿيڻ جو سبب ٻڌايو ويو آهي، اهي امتحان جون جولاءِ ۾ هر سال ٿيندا آهن، جڏهن ته فائنل سيمسٽر امتحان ڊسمبر ۾ ٿيڻا آهن، شاگردن چيو ته اسان اڃا پهريون ئي سيمسٽر ڏئي نه سگهيا آهيون ته مٿان وري ٻئي سيمسٽر جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، جنهنڪري اسان سخت پريشان آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا امتحانن ۾ دير ٿيڻ جو به اڃا تائين سبب نه ٻڌايو آهي، نه ئي اڃا تائين امتحانن جي ڪا حتمي تاريخ کان آگاهه ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ جڏهن انتظامي عملدارن کان پڇون ٿا ته اهي ڏٽن کانسواءِ ڪو متفق جواب نه ٿا ڏين، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽن سان لاڳاپيل سيمسٽر ڪنٽرولر روشن علي پٺاڻ صحافين کي به امتحان جي حتمي تاريخ نه ٻڌائي ۽ چيو ته اسان سيمسٽر امتحان جلد وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، گرمين جي موڪلن دوران پروفيسرن جي موڪل هجڻ جي ڪري هر سال جون جولاءِ ۾ ٿيندڙ سيمسٽر امتحان وٺڻ ۾ ٿوري دير ٿي آهي پر اها ڪا ڳڻتي جهڙي ڳالهه ناهي، اسان جلد سيمسٽر امتحان وٺنداسين، پر في الحال ڪا تاريخ يا مهينو ٻڌائي نٿا سگهون.