ايتري پرفيڪٽ ناهيان جو سنجي ليلا ڀنسالي جي هيروئن بڻجي سگھان: ڪاجل


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۸   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
بالي ووڊ جي پرڪشش اداڪارا ڪاجل

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ جي پرڪشش اداڪارا ڪاجل هندستاني فلم انڊسٽري ۾ ۲۵ سال مڪمل ڪري ڇڏيا، انهن سالن ۾ ڪاجل ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون بالي ووڊ کي ڏنيون پر هن وقت تائين هو ءَ هڪ ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ڪاجل جي ۲۵ سالن جي ڪيريئر ۾ اڄ تائين پروڊيوسر ۽ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم ناهي ڪيو. جن جو شمار بالي ووڊ جي ڪامياب هدايتڪارن ۾ ڪيو ويندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان نه ٿي سمجھان ته ايتري پرفيڪٽ آهيان جو سنجي ليلا ڀنسالي جي هيروئن بڻجي سگھان، هن چيو ته مان پنهنجي فلمن جي چونڊ سوچي سمجھي ڪندي آهيان.