عمران خان نوازشريف جي ريلي سبب مردان وارو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۲   مردان   پرنٽ ڪيو
عمران خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : مردان: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نوازشريف جي ريلي سبب مردان وارو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ نوازشريف جي جي ٽي روڊ واري ريلي سبب عمران خان مردان وارو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پارٽي جي عهديدارن کي جلسي جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آئي جي چيئرمين الزام هنيو ته نوازشريف سپريم ڪورٽ تي حملي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کي ڪرپشن جي ڪيس مان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان لاءِ معاملي تي پوري نظر رکڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هن وقت نيشنل مهم ۾ مصروف آهيان ۽ سمورو ڌيان پنجاب ۾ جاري مهم تي رکڻ ضروري آهي.