عمران نيازي تلاشي ڏي، ڀڄي ڇو رهيو آهين: عائشا گلالئي


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۷   پشاور   پرنٽ ڪيو
عائشا گلالئي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: پي ٽي آئي جي اڳوڻي اڳواڻ عائشا گلالئي چيو ته عمران نيازي تلاشي ڏيو ڀڄي ڇو رهيا آهيو، نجي ٽي وي موجب حيرت ٿي آهي جو اڄ اخلاقي طور تي ڪرپٽ شخص مالي ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن مان ڪوڙو الزام لڳايو هجي ها ته اڄ منهنجي خلاف عمران نيازي دعويٰ ڪري ها، عائشا گلالئي چيو ته عمران نيازي نه سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ٿو ۽ نه ئي وري پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ٿئي ٿو، هن چيو ته مان پنهنجو موبائيل فون فورينزڪ آڊٽ لاءِ نه ڏيندس، هن چيو ته مان ته پارليامينٽ ڪميٽي ۾ پنهنجي موبائيل پيش ڪنديس، عمران خان کي پنهنجي موبائيل ڏيڻي پوندي، عمران نيازي ڪوڙ ۽ تهمت جي سياست ڪري قوم کي پنهنجي اصليت ڏيکاري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان سخت خوف ۾ آهي ۽ گھٻرائي رهيو آهي. چئن سالن ۾ ان کي منهنجي ڪرپشن نظر نه آئي، هاڻي ڪرپشن جا الزام هڻي عورتن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.