ڪميشن ذريعي ۵۴۰۲ ڊاڪٽرن جي ڀرتي تاريخي قدم آهي: سڪندر مينڌرو


 جمو ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ٦۸   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو
حيدرآباد: صحت کاتي سنڌ جو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو پريس ڪانفرنس ڪندي

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: صحت کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته صحت کاتي سنڌ وٽ هن وقت ۲۰۱۵ صحت جا ننڍا وڏا اسپتال، ڊسپينسريون، هيلٿ ڪيئر، بيسڪ هيلٿ يونٽس ۽ ٻيا مرڪز موجود آهن، جڏهن ته کاتي وٽ اٽڪل ۸۰۰۰۰ هزار بسترا موجود آهن جن تي فقط اهليت جي بنياد تي مريضن کي داخل ڪيو ويندو آهي. صحت کاتو هڪ وڏو ۽ اهم کاتو آهي، جڏهن ته عوام جي صحت جي سموري ذميواري رياست ۽ صحت کاتي تي عائد ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت پنهنجا تمام وسيلا ڪتب آڻيندي عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊي جي هيلٿ آفيس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ سول اسپتال حيدرآباد جي گائني وارڊ ۾ ليبر روم جي افتتاح وقت صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حيدرآباد ڪارڊيڪ انسٽيٽوٽ کي نيشنل انسٽيٽوٽ ڪارڊيولاجي ڪراچي سان منسلڪ ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن هڪ ايم او يو تي صحيح ٿي آهي، توهان اهو سمجهو ته هاڻي هتي نيشنل انسٽيٽوٽ ڪارڊيولاجي ڪراچي جي هڪ برانچ فعال ٿي وئي آهي جيڪا انهيءَ طرز تي علاج مهيا ڪندي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڊاڪٽر اديب رضوي جي اسپتال شھغٽ جي برانچ حيدرآباد ۾ به قائم ڪئي وڃي جڏهن ته اکين جي علاج لاءِ هڪ ماڊرن اسپتال پڻ اسان هتي قائم ڪئي آهي، جيڪا مڪمل فعال آهي. هن چيو ته آئون مڃا ٿو ته حالتون اڃا آئيڊيل نه آهن پر توهان ڏسندا ته هر گذرندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي ويندي. هن ٻڌايو ته اسان وٽ ۱۲ ويڪسينشن پروگرام آهن جن ۾ هيپاٽائٽس، ايڊز، مليريا ۽ پوليو جهڙين موذي بيمارين جي ويڪسينيشن شامل آهن. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ۵۴۰۲ ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪي هڪ ٻن مهينن ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندا، ايتري وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن جو ڀرتي ڪرڻ هڪ تاريخي قدم آهي ۽ اهو سنڌ حڪومت جي صحت بابت ترجماني ڪري ٿو. هن چيو ته بجيٽ ۾ جتي جتي کيس ضرورت محسوس ٿئي ٿي اتي اضافو ڪيو ويو جڏهن ته هن بجيٽ ۾ اسان اڳئي بجيٽ کان ۲ ارب رپيا وڌيڪ رکيا آهن. هن چيو ته آئون هر ضلعي جي صحت آفيسر ۽ اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽيڊنٽ سان گڏجاڻي ڪري رهيو آهيان ۽ قانوني اختيارن جي اندر رهندي ڪوتاهي ڪندڙن خلاف قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته هو هر هفتي ڊاڪٽرن جي حاضري چيڪ ڪندو آهي ۽ غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرن خلاف سروس رول تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جو جواب ۾ هن چيو ته هڪ سال کان ماڻهو چڪن گونيا بيماري جي خوف ۾ مبتلا آهن هي اهو وائرس آهي جنهن جي جيڪڏهن ويڪسين ٺهي وڃي ته ان تي سولائي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو پر سڄي دنيا ۾ ان جي ڪا به ويڪسينيشن نه آهي، جڏهن ته ان بيماري جي سڃاڻپ جو پڻ ڪو طريقيڪار موجود نه آهي، ان کانسواءِ اسان ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي رت جا نمونا ورتا ته هر هڪ جو نتيجو مختلف نڪتو. هن ٻڌايو ته تازو ئي ٿر ۾ ڇاڇرو جو دورو ڪيو اتي ۲۵ مريض هئا جن ۾ هڪ ٻار کان علاوه ڪو به مريض چڪن گونيا جي بيماري ۾ مبتلا نه هو. ڊي جي هيلٿ آفيس بعد صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو سول اسپتال حيدرآباد پهچي گائني وارڊ جي ليبر روم جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي صوبائي وزير ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ليبرروم جي عمارت انگريزن جي زماني جي تعمير ڪيل آهي، جڏهن ته ان وقت کان هن وقت تائين جي آبادي ۾ واضح فرق اچي چڪو آهي تنهنڪري بلڊنگ جي گنجائش جي حساب سان جيتري به ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهبي هئي اسا بهترين پلاننگ ڪندي ان کي توسيع ڏني ۽ وڌيڪ بهتر بڻايو. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان سڄي سنڌ جي ڪا به اسپتال اين جي اوز جي حوالي نه ڪئي وئي اسان فقط ساڻن هاسپيٽل مينجمينٽ جي حوالي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ڪئي آهي.