عامر خان اينٿوني جوشوا کان معافي وٺي ڇڏي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۴   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: باڪسر عامر خان سوشل ميڊيا تي باڪسر اينٿوني جوشوا کان معافي وٺندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪوڙ هو، خوش آهيان ڇوجو معاملو ڪليئر ٿي ويو. عامر خان وڌيڪ چيو ته ڪنهن عام ماڻهو وانگر مون کي به ڪاوڙ اچي وئي هئي. جوشوا عامر خان جي معافي قبول ڪري ورتي جنهن کانپوءِ عامر خان جوشوا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته پاڪستاني نسل جي برطانوي باڪسر عامر خان جوشوا تي پنهنجي گهرواري فريال مخدوم سان تڪرار ۾ ملوث هجڻ جو الزام هنيو هو پر اينٿوني جوشوا معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو.