آمريڪي فوجي اترڪوريا خلاف آپريشن لاءِ تيار آهن: صدر ٽرمپ


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۱   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوجي اتر ڪوريا خلاف ڪنهن به آپريشن لاءِ تيار آهن، اتر ڪوريا آمريڪي علائقن يا اتحادين خلاف ڪنهن به قدم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ ان کي پڇتائڻو پوندو. هن چيو ته اتر ڪوريا خلاف فوجي آپشن جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، آمريڪي فوجي ڪنهن به آپريشن لاءِ الرٽ ۽ تيار آهن. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اتر ڪوريا جي معاملي تي چيني صدر سان اڄ ڳالهائيندس ۽ اميد آهي ته اتر ڪوريا جي مسئلي جو بهتر حل ڪڍي وٺنداسين. هن چيو ته مون کان وڌيڪ ڪو به ان تڪرار جو پرامن حل نٿو چاهي، ان ڪري ان مسئلي تي چين ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.