منهنجي نااهلي جو منصوبو اڳ ئي جوڙيو ويو هو: نواز شريف


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۴   گوجرانوالا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گوجرانوالا: اڳوڻي وزيراعظم ميان نوا زشريف چيو آهي ته منهنجي نااهلي جو منصوبو اڳ ئي تيار ڪيو ويو هو. گوجرانوالا مان لاهور رواني ٿيڻ کان اڳ نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ ڇا به ڪريون ها پر نااهلي جي منصوبي تي عمل ٿيڻو ئي هو ڇوجو منهنجي نااهلي جو منصوبو اڳ ئي ٺاهيو ويو هو. هن چيو ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ ڏوهه ٿيو ته وٺڻ به ڏوهه ئي قرار ڏنو وڃي ها، سپريم ڪورٽ جي ججن اسان سان انصاف نه ڪيو، جيڪڏهن فيصلي کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ چئلينج ڪريان ته عالمي عدالت هڪ منٽ ۾ ان کي ختم ڪري ڇڏيندي. اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيان پيو پر ان کي به روڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ۷۰ سالن کان ووٽ جو قدر نه ڪيو ويو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام کي پنهنجي ووٽ جو قدر ڪرائڻو آهي.