سائنسدانن جي نئين تحقيق، بيٽريون ڪپڙن مان چارج ٿيڻ لڳيون


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۴   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : مانچسٽر: سائنسدانن اهڙيون ته لچڪدار بيٽريون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي ڪپڙن تي لڳائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته انهن کي اهڙي ننڍڙي ڊيوائس ۾ به لڳايو ويندو، جنهن کي انسان هٿ ۾ پڪڙي ٿو، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي بيٽريون ڪاٽن جي ڪپڙن ۾ هڪ طر سان پرنٽ ڪئي ويندو، ته جيئن توهان جا ڪپڙا موبائل ۽ اهڙي طرح جي ننڍين ڊوائسز کي چارج ڪري سگهن، هونءَ ته ننڍيون ننڍيون ڊوائسز کي بجليءَ جي فراهمي ڪرڻ هڪ مشڪل ۽ آسان ڪم آهي، هاڻي سائنسدانن اهڙو ڪم ڪيو آهي جو انسان ڪپڙا به پائي سگهي ٿو ۽ گڏو گڏ ان سان بيٽريون به چارج ڪري سگهي ٿو، ان سان گڏ ماحول دوست ۽ گهٽ خرچ وارا ڪپڙا به متعارف ڪرايا ويا آهن، هي بيٽريون توانائي کي جمع به ڪري سگهن ٿيون ۽ گڏو گڏ انسان جي سرگرمين ۽ نفسياتي حالت کي به مانيٽر ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽي آف مانچسٽر جي هڪ محقق نظم الڪريم ان سلسلي ۾تحقيق ڪري پنهنجو مقابلو تحرير ڪيو آهي، ان ۾ ڊيوائس کي ”سپر ڪيسپسيٽر“ چيو ويو آهي، هيءَ ڊوائيز انتهائي هلڪي ۽ تيزي سان موبال، ليپ ٽاپ ۽ ايتري قدر جو ڪمپيوٽر به چارج ڪري سگهي ٿي.(۰۲)