ڀارتي رياست اترپرديش ۾ آڪسيجن نه ملڻ سبب ٦۰ ٻارڙا فوت


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۸   دھلي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لکنو: ڀارتي رياست اترپرديش جي سرڪاري اسپتال ۾ ٦۰ ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق اترپرديش جي شهر گورکپور جي سرڪاري اسپتال ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ رڪجڻ سبب ۽ انفيڪشن پکڙجڻ جي نتيجي ۾ ۵ ڏينهن اندر ٦۰ کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ نوان ڄاول ٻارڙا به شامل آهن. رياستي حڪومت واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل انڪوائري جو اعلان ڪيو آهي. اسپتال انتظاميا ۽ ضلعي حڪومت چيو آهي ته ٻارڙا آڪسيجن جي کوٽ جي ڪري نه پر انفيڪشن سبب فوت ٿيا آهن. وڏي وزير يوگي آدتيا ناٿ اسپتال جو دورو ڪري صورتحال جو معائنو ڪيو. وڏي وزير جي دوري واري ڏينهن به اسپتال ۾ ۹ ٻارڙا فوت ٿي ويا. اپوزيشن اڳواڻ سونيا گانڌي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.