باز تي تحقيق سان جديد ڊرون ٺاهي سگهجي ٿو: سائنسدان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۴   سوٸيڊش   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سويڊن: سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پکي جڏهن اڏرڻ وقت پنهنجا پَرَ کولي ڇڏيندو آهي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته هو پنهنجي انرجي بچائي رهيو آهي، انهن جو چوڻ آهي ته اڏرڻ جي لاءِ تياري ڪندڙ پرندن کي تونائي جي ضرورت هوندي آهي، پر هوا ۾ پهچڻ کانپوءِ جڏهن هو پنهنجا پر کولي ڇڏيندا آهن ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته هو بيحد سڪون سان اُڏري رهيا آهن، سائسندانن جو چوڻ آهي ته اسان جي ان تحقيق جي نتيجي ۾ هاڻي ڊرون جهاز کي اڃان به وڌيڪ سُٺو ٺاهڻ ۾ مدد ملندي، سويڊن جي هڪ يونيورسٽي جي رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عقاب ۽ ان جهڙا ئي ٻين پکين تي ريسرچ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ انهن جي تيز رفتار سان اڏرڻ ۾ مدد ڏيندڙ ۽ انهن کي پرن جي مدد سان مٿي ٿي ٿيندي نظر ايندا آهن، سائنسدانن پکين جي اڏرڻ جي انداز ۽ ان ۾ پيش ايندڙ سمورن مرحلن کي جديد ڪئميرائن جي ذريعي رڪارڊ ڪيو آهي ۽ اهو خبر لڌي آهي ته پر ڦهلائڻ سان انهن جي توانائي بچي ٿي.(۰۲)