ٽيڪنالاجي سان دنيا جي بربادي ٿئي ٿي: انٿونيو گارشيا مارٽينرز


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۸   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: فيس بڪ جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو خبردار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ۳۰ سالن ۾ سڄي دنيا انتشار جو شڪار ٿي ويندي، ڇو جو روبوٽس دنيا اندر تمام گهڻ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيندا، انٿونيو گارشيا مارٽينرز جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي جي ڪري جنگيون لڳنديون، گارشيا فيس بڪ ۾ پروڊڪٽ مئنيجر هو ۽ هن سليڪون ويلي نالي هڪ ڪتاب به لکيو آهي، هو دنيا اندر نئين ٽيڪنالاجي کان ايتري قدر خوفزده آهي جو هن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ هاڻي هو آمريڪي شهر سياٽل جي جهنگ ۾ اڪيلي زندگي گذاري رهيو آهي، هن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جڏهن ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا ته بغاوتون جنم وٺنديون ۽ آمريڪا اندر ته بندوق جو راڄ قائم هوندو، هن جو چوڻ آهي ته في الحال توهان کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيندو، پر وقت اچڻ تي توهان ضرور سوچيندا.(۰۲)