سبزين جو استعمال انساني صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي: صحت جا ماهر


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۵   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني خوراڪ ۾ سبزين جو استعمال ۳۰۰ کان ۳۵۰ گرام في ڪس روزانو هجڻ گهرجي، سبزيون انساني خوراڪ جو اهم جزو هوندو آهي، غذائي ماهر ان کي حفاظتي خوراڪ جو نالو ڏئي رهيا آهن، ڇو جو ان ۾ حياتين، معدنيات ۽ ريشي جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، جديد تحقيق موجب خوراڪ ۾ سبزين جو استعمال اشد ضرورت هوندي آهي، هڪ انداز موجب سبزين جو روزانو استعمال انساني جسم جي نشونما جي لاءِ تمام ضروري هوندو آهي، انهن ۾ نشاستو، لحميات، حياتين، سي اي بي ڊي ۽ معدني نمڪيات وڏي مقدار ۾ ملي ويندي آهي، معدي جي قوت بخشندي آهي.(۰۲)