نيب سنڌ اندر ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۱   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : قومي احتساب بيورو (بيب) سنڌ ۾ ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب جا اختيار ڪم ڪرڻ جي حوالي سان بل اسيمبليءَ مان منظور ڪراي هو، جنهن کانپوءِ نيب ڪرپشن جي جاچ جو حق نه رکندي، دي نيو جي سينيئر صحافي انصار عباسي جي رپورٽ موجب نيب جي سينيئر ترجمان جو موقف آهي ته هو ڪنهن به صوبي ۾ قانون موجب جاچ ڪري سگهن ٿا، هن جو چوڻ آهي ته هو سنڌ اندر نيب آرڊيننس ۱۹۹۹ع تحت ڪارروائي ڪرڻ جو حق رکن ٿا، ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب کي سنڌ ۾ ڪارروايون ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ حڪومت خميس واري ڏينهن صوبائي آفيسن مان سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ڏنو، نيب رجمان واضع ڪيو آهي ته نيب وفاق جي ماتحت ادارو آهي، ان جي لاءِ هن جا اختيار ۽ اٿارٽي صوبن وٽ نه پر وفاق وٽ آهن.(۰۲)