لاهور ۾ ينگ ڊاڪٽرز جي هڙتال جاري، اسپتالن ۾ مريض پريشان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۵   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: پنجاب حڪومت ۽ ينگ ڊاڪٽرز جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ينگ ڊاڪٽرز جي هڙتال ۱۲ هين ڏينهن به جاري آهي، پنجاب حڪومت هن وقت تائين ۷۰ کان وڌيڪ هڙتالي ڊاڪٽرن کي ملازمن مان فارغ ڪري چُڪي آهي، جڏهن ته انهن جي جاءِ تي نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت جي نمائندن ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ ڊاڪٽرن مطالبو رکيو ته فارغ ڪيل ڊاڪٽرن کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ ۽ ٻين جائز مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي.(۰۲)