ڪور ڪمانڊر پشاور پاران راجگال وادي جو دورو، جوانن سان مُلاقاتون


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۰   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ وادي راجگال جو دورو ڪري آپريشن ”خيبر فور“ ۾ حصو وٺندڙ جوانن ۽ آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته علائقي کي جلد کان جلد امن دشمنن کان ڪليئر ڪرايو وڃي، آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر اڳين مورچن جو به دورو ڪيو ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن ۽ جوانن جو مورال بلند ڏسي انهن جي حوصلا افزائي به ڪئي، ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ آپريشن دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جي رفتار جو به جائزو ورتو ۽ سرحدي چوڪين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.(۰۲)