نواز شريف جي ريلي، پينافليڪس خراب ڪندڙ همراهه سوگهو


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵٦   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: اڳوڻي وزير اعظم جي ريلي دوران شهر جي مختلف چوراهن تي ڪارڪنن پاران لڳايل نواز شريف جي تصويرن سان وڏن وڏن پينافليڪسن کي خراب ڪندڙ شخص پوليس سوگهو ڪري ورتو، نامعلوم ماڻهن نواز شريف جي پوسٽرن تي مس اڇلي انهن کي خراب ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان پارٽي ڪارڪنن جو لکين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، بينرن تي مسُ ڦٽو ڪندڙ همراهه پوليس سوگهو ڪري ورتو.(۰۲)