نواز شريف احتساب عدالتن خلاف روڊ تي نڪتو آهي: اعتزاز احسن


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف جي خلاف ڪا به سازش نه ٿي هئي، بلڪه هو ڪيترين ئي چونڊيل حڪومتن خلاف سازشون ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته سويلن حڪومتون ۱۰ ڀيرا آهيون، پر ۱۰ ئي ڀيرا نواز شريف انهن خلاف سازشون ڪيون، هاڻي مڪافات عمل آهي، هن چيو ته نواز شريف روڊن تي پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج نه پر احتساب عدالت خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف جي ريلي ناڪام پر جلسا ڪامياب آهن، هو قانوني ڀت ڀڄي ان کان ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿو. هو جيڪو ڪجهه ڳالهائي ٿو اهو عدالتن جي خلاف آهي.(۰۲)