ممبئي جي روڊن تي نيري رنگ جا ڪُتا گهمڻ لڳا، عوام پريشان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۱   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ نگري يعني ممبئي جي صنعتي علائقي تلوجا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪالهه سخت پريشان ۽ حيران ٿي ويا، جڏهن هنن روڊ تي هڪ نيري رنگ جو ڪُتو ڏڻو، هيءَ تصوير تازي آهي، جنهن کي ممبئي اينيمل پروٽيڪشن سيل مهاراشٽر پوليوشن ڪنٽرول بورڊ ۾ شڪايت جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ تقريبن هڪ هزار ڪارخانا آهن، جن مان وهندڙ پاڻي ندي ۾ ڪري ٿو جنهن سان آلودگي ڦهلجي ٿي، جيڪو انساني حياتي لاءِ خطرو آهي، هن چيو ته ان سان گڏو گڏ پاڻي ۾ تڙ ڪندڙ ڪتن جو به رنگ تبديل ٿي وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ علائقي جي ماڻهن ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وڃي ٿي.(۰۲)