ماڌوري ٿيڻ جا خواب ڏسندي آهيان: ماهره خان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۵۵   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: پاڪستاني اداڪارا ماهره خان چيو آهي ته ماضيءَ ۾ مان ماڌوري ڊڪشٽ وانگر ساڙي پائيندي هئس ۽ ان جهڙي ڊانس ڪندي هئس، هن چيو ته هاڻي به مان ماڌوري ٿيڻ جا خواب ڏسندي آهيان، اداڪاره ماهره خان ٻه ڏينهن اڳ هڪ نجي يونيورسٽي ۾ قريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن خاص ليڪچر ڏنو، پنهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن جي باري ۾ ۽ ڪاميابي جي ٻاري ۾ شاگردياڻين کي ٻڌايو، ماهره چيو ته اهو سچ آهي ته هر انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ناڪامي جو شڪار ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪاميابي جو شڪار ٿيندو آهي، هن چيو ته مان پنهنجي نجي ۽ پروفيشنل زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو پر مون کي پاڻ تي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل يقين هو، مون کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن مان ڪامياب ضرور ٿينديس.(۰۲)