ماهرن انٽارڪٽيڪا ۾ ۱۰٦ سال پراڻو ۽ تازو ڪيڪ هٿ ڪري ورتو


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۹   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : انٽارڪٽيڪا تي موجود هڪ بوسيده جهوپڙي مان نيوزي لينڊ جي ماهرين کي هڪ اهڙو ڪيڪ مليو آهي، جيڪو اندازي موجب ۱۰٦ سال پراڻو آهي، پر اهو اڄ تائين بلڪل صحيح سلامت آهي ۽ تازو نظر اچي رهيو آهي، انٽارڪٽيڪا جي تمام پري واري علائقي ”ڪيپ اڊينر“ تي نيوزي لينڊ جي ماهرن جي ٽيم تحقيقي مهم شروع ڪئي هئي، ٽيم مهم ۾ مصروف هئي ته هن هڪ جهوپڙي ڳولي لڌي، جاچ پڙتال دوران ان مان هڪ ڪيڪ مليو آهي، جيڪو تقريبن ۱۹۱۱ع ۾ هتي آندو ويو هو، وڌيڪ تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته اهو ويهين صدي کان اڳ ۾ جهوپڙي ۾ رکيو ويو هو، اهو ڪيڪ ڏسڻ کانپوءِ ماهر پاڻ حيران ٿي ويا آهن، ڇو جو اهو بلڪل صحيح سلامت ۽ بلڪل تازو نظر اچي رهيو آهي.(۰۲)