مصر ۾ ريل گاڏيون ٽڪرائجي ويون، ۴۴ ڄڻا فوت، ۱۸۰ کان وڌيڪ زخمي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۳   قاُھرہ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : قاهره: مصر ۾ ٻه ريل گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ۴۴ ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ۱۰۸ کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن، غير ملڪي ميڊيا ايجنسي موجب صدر جي سامونڊي پٽي واري شهر اسڪندريا ويجهو ٻه ريل گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ۴۴ ڄڻا فوت ٿي ويا، مصر اختيارين موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، ٽڪر هندڙ ٽرين جي ڊرائيور پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، اکين ڏٺن شاهدن موجب ٽرين وڏو نقصان ٿيو آهي.(۰۲)