ڪڪڙ لڳ تيز رفتار پيجارو کاهي ۾ ڪري پئي، ۳ ڄڻا فوت، ۳ زخمي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۸۵   ڪڪڙ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علڻ ناٸچ  : ڪڪڙ: ڳڙهي خيرو واسي ٦ ڄڻا پيڄارو گاڏي ذريعي تفريح ڪرڻ لاءِ گورک هل اسٽيشن وڃي رهيا هئا ته ڪڪڙٿاڻي جي حد ۾جڳشينهن موڙ وٺ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڊرائيورکان گاڏي موڙڪاٽيندي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ لهر برادري جو سردار ميرداد بخش لهر،عبدالڪريم لهر،غلام قادرلهر سميت ۳ ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڊرائيورامجد علي،فقيرعلي۽ بشيرسميت ۳ ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪڪڙ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال نيا ويا. جڏهن ته ڳوٺ ۾ اطلاع ملڻ کان پوءِ گھرن ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. فوت ٿي ويلن ۽ زخمين جا وارث تعلقا اسپتال پهچي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ کڻائي ويا. حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.