ڀارت کي اکيون ڏيکاريون يا دوستيءَ جو هٿ وڌايون، پي سي بي پريشان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳٦   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: ڀارت کي اکيون ڏيکاريون يا دوستيءَ جو هٿ وڌايو، پي سي بي ٻڏ تر جو شڪار آهي، گڏيل سيريز جي معاهدي جي خلاف ورزي تي حق جي لاءِ حقيقي جنگ وڙهڻ واري دعويٰ کوکلو ٿيڻ لڳي، پاڪستان ۾ ۲۰۱۴ع دوران ”بگ ٿري“ جي حمايت جي بدلي ۾ ڀارت سان ۸ سالن ۾ ٦ سيريز جو معاهدو ڪيو هو، ان ۾ صرف ۴ جي ميزباني پي سي بي کي ڪرڻي هئي، ان وقت چيئرمين بورڊ نجم سيٺي هيو، وطن واپسي تي هن چيو ته گڏيل سيريز کيڏڻ سان اربين ڊالر جي ڪمائي ٿي سگهي، ٿي، پر بي سي سي آءِ ٽال مٽول ڪري سگهي آهي.(۰۲)