سمنڊ جي گهرائي ۾ايلين نما مخلوق موجود هجڻ جو انڪشاف


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۱۳۹   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: خدا جي ٺاهيل هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي مخلوقون لڪل آهن، پر روز روز سائنسدان ان اسرار تان پردو کڻڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، پر تازو ئي هڪ راز فاش ٿيو آهي ته سمنڊ جي گهرائي اندر ايلين جهڙي مخلوق موجود آهي، دنيا اندر اهڙيون ڪيتريون ئي مخلوقون آهن، جن جي وجود تي سوال اٿاريا پيا وڃن، پر انهن کي اڄ تائين نه ڏٺو ويو آهي، يا اگر ڪنهن ڏٺو به ويو آهي ته انهن کي پنهنجي اکين تي يقين نه آيو آهي، اهڙي ئي هڪ مخلوق جي تصوير تازي سوشل ميديا تي وائرل ٿي آهي جنهن کي ڏسڻ کان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايلين کهڙي قسم جي هوندي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هيءَ تصوير ڏسڻ کانپوءِ توهان مان ڪجهه ماڻهو هن مخلوق جي وجود رکڻ واري ڳالهه تي يقين نه ڪن، يا ان ڳالهه کي ڪوڙو سمجهن، پر عجيب و غريب ڪيڙو حقيقي زندگي ۾ موجود آهي، سائنسدانن هن ڪيڙي کي يولا جيسڪا گينگانٽي جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته هن کي ”ايلين ڪيڙو“ به چئي سگهجي ٿو، هي سمنڊ ۾ ۳ هزار فٽ جي گهرائي ۾ پاڻي اندر مليو آهي، هي انٽارٽڪ واري سامونڊي ٻيٽ مان مليو آهي، انتهائي خوفناڪ جسماني خدوخال وارو ڪيڙو نوائيڊ خاندان يعني اسڪيل وارم سان تعلق رکي ٿو، هن ڪيڙي کي جسم تي ڪيتريون ئي پوپٽيون آهن، جيڪي هن کي وڌيڪ خوبناڪ بڻائين ٿيون.(۰۲)